سنڌ جي بجيٽ بابت سنڌ جي وڏي وزير چيو ته بجيٽ 14 جون تي پيش ڪئي ويندي ۽ عام چونڊن کان اڳ اها اسان جي آخري بجيٽ هوندي، ايندڙ بجيٽ اسان ئي پيش ڪنداسين پر ان تي عملدرآمد اليڪشن کٽڻ کانپوءِ حڪومت ۾ ايندڙ پيپلز پارٽي ڪندي، اسان جي پهرين ترجيح صحت جو شعبو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته کيس ڊاڪٽرن ٻڌايو ته مڊل ڪلاس هاڻي پرائيويٽ اسپتالن بدران پنهنجن ٻارن کي هتي آڻڻ کي ترجيح ڏين ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي خرچ برداشت نٿا ڪري سگهن ۽ اسان دوائون مفت ڏئي رهيا آهيون. سنڌ جي وڏي وزير گذريل ڏينهن معاشي سروي پيش ٿيڻ تي پي ٽي آءِ حڪومت کي نشانو بڻائيندي چيو ته پي ٽي آءِ جو بيان ته سمورا ٽارگيٽ حاصل ڪيا ويا، اهو سڀ ڪوڙ آهي. هن چيو ته بجيٽ 22-2021 کي اليڪشن جو بجيٽ چيو ويو ۽ ان سان جيڪا تباهي آئي آهي، اها سڀني جي سامهون آهي. وڏي وزير چيو ته اسلام آباد ۾ خبر پئي ته صوبائي ترقياتي بجيٽ 900 ارب مان گهٽائي 500 ارب ڪئي وئي آهي. هن پي ٽي آءِ حڪومت جي ڪارڪردگي کي هڪ مريض سان ڀيٽيندي چيو ته جڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت هئي ته معيشت بسترع ڀيڙو هئي. هن چيو ته پي ٽي آئي حڪومت هنڌ ڀيڙو مريض کي انجيڪشن هڻي چيو ته هاڻي جيترو تڪڙو ڀڄڻو ٿئي ڀڄ، جيڪو بلڪل درست ناهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته جيڪو به مريض هوندو آهي ان کي پهرين بستري تي ويهاري پوءِ آهستي آهستي ڊوڙائبو آهي، پر (پي ٽي آ) رفتار ڏيکاريندي چيو ته اسان سڀ ٽارگيٽ حاصل ڪري چڪا آهيون، کين اها خبر ناهي ته ملڪ جا وسيلا 18 ارب مان گهٽجي 8 ارب تائين پهچي ويا آهن، ملڪ جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڪٿان کان ڪٿي پڄي ويو آهي ۽ مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي. غريبن کان پڇيو وڃي ته ڇا اسان ٽارگيٽ حاصل ڪيا آهن؟ هن چيو ته اسان هن وقت ڏکي صورتحال ۾ آهيون ۽ ان صورتحال ۾ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. توانائي بحران بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وزيراعظم هڪ اجلاس ۾ چيو ته بجلي جي بچت لاءِ ٻه کان ٽي ڪلاڪ دڪانن کي اڳ ۾ بند ڪرڻ گهرجي، جنهن سان بجلي جي بچت ٿي سگهي ٿي ته ان بابت مون پنهنجي ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته اها اسٽيڪ هولڊرز سان ڳالهه ٻولهه ڪن ۽ اميد آهي ته ڪو رستو نڪرندو. ايم ڪيو ايم بابت وڏي وزير چيو ته انشاءَ الله ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جي توانائي هڪ آهي ۽ اسان صوبي جي عوام جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close