سنڌ

سنڌ ۾ چيني شهرين جي تحفظ لا سيڪيورٽي سيل قائم

سنڌ حڪومت پرڏيهي شهرين خاص ڪري چيني شهرين جي ڊيٽا کي رجسٽر ڪرڻ ۽ کين سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ شهر جي چيف پوليس آفيس (سي پي او) ۾ فارن سيڪيورٽي سيل قائم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جون سڀني ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ 31 شاخون آهن. اها ڳالهه جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سامهون آئي. اجلاس ۾ قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، گهرو سيڪريٽري سعيد منگنيجو، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي عمران يعقوب منهاس، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد اوڍو، ڊپٽي ڊي جي رينجرز، انٽيليجنس ايجنسين جي صوبائي سربراهن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪراچي يونيورسٽي جهڙا واقعا جتي چيني استادن تي آپگهاتي حملا ڪيا ويا، ٻيهر ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته اسان کي صوبي ۾ سي پيڪ ۽ نان سي پيڪ منصوبن تي ڪم ڪندڙ سمورن پرڏيهي شهرين خاص ڪري چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي مضبوط ڪرڻو پوندو. هن پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته تفصيلي فول پروف سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو وڃي. مراد علي شاهه چيو ته سي پيڪ ۽ نان پيڪ منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي گڏيل سيڪيورٽي آهي. هن چيو ته مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ جو ڪوبه واقعو قومي سطح تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو ۽ ڪراچي يونيورسٽي واقعو نان سي پيڪ منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين لاءِ سيڪيورٽي خطري کي اجاڳر ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته چيني قونصليٽ کي تجويز ڪيل سڪيورٽي انتظامن ۽ ڊيٽا گڏ ڪرڻ بابت آگاهي ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button