سنڌ جي ماحوليات واري صوبائي وزيراسماعيل راهو زرعي ايراضي تيزي سان ختم ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيوآھي ته زرعي زمينن تي رهائشي اسڪيمون ٺاهيندڙن کي نه روڪيو ويو ته ڪجهھ سالن کان پوءِ ملڪ ۾ غذائي کوٽ ۽ ماحولياتي گدلاڻ ۾ اضافو ٿي ويندو. اسماعيل راهو چيو ته زرعي ايراضي ختم ڪري ان تي رهائشي اسڪيمون ٺاهڻ زرعي معيشيت ۽ ماحول لاءِ خطرناڪ آهي، وڏي پيماني تي ايراضي ختم ڪري رهائشي اسڪيمون ٺاهڻ سان ڦٽين،ڪمند،ڪڻڪ، ۽ سارين جهڙن فصلن جي کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي، پاڻي جي کوٽ، هيٽ ويو ۽ موسمي تبدلين جي اثرن سبب اهم فصلن جي پيداوار تي شديد ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. صوبائي وزير چيو ته سنڌ ۾ زرعي ايراضي تي ٺهندڙ رهائشي اسڪيمن کي روڪڻو پوندو، اڪثر اسڪيمون قانوني گهرجون ڪرڻ کان سواءِ ٺاهيون پيون وڃن. اسماعيل راھو چيو ته آفيسر شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ زرخير زمينن کي غير قانوني طور تي رهائشي ڪالونين جو ٻارڻ بڻائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، سنڌ جا سمورا ڊي سيز زرعي زمينن تي سوسائيٽيون ٺاهيندڙن کي روڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close