توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ باھھ لڳڻ واري واقعن بابت بيان ۾ چيو آھي تھ احتياطي اُپائن سان شارٽ سرڪٽ سبب لڳندڙ باھھ کي روڪي سگھجي ٿو. ھن چيو تھ شھرن اندر دڪاندارن کي اپيل آھي تھ پنهنجي دڪانن ۽ بازارن ۾ بجليءَ جي تارن جو جائزو وٺندا رھن. ھن وڌيڪ چيو تھ پراڻن فليٽن ۾ ميٽر کان وٺي وائرنگ وارو نظام ھنڌان ھنڌان کليل ھوندو آھي، جيڪو خطرناڪ آھي. توانائي واري وزير چيو تھ گدامن ۽ فيڪٽرين ۾ عارضي ۽ ايڪسٽينشن ڪنيڪشن سان بھ باھھ ڀڙڪڻ جا واقعا ٿيندا آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ ڪيترين کي بازارن جي بيسمنٽ ۾ بجلي جي ميٽرن ويجھو وضو ڪرڻ لاءِ جاءِ ٺاھي ويندي آھي، جيڪو پڻ خطرناڪ عمل آھي. امتياز شيخ چيو تھ اسان چاھيون ٿا تھ واپاري سندن دڪانن ۽ بازارن جي بجلي واري نظام جو پاڻ جائزو وٺن، ٻي صورت ۾ اسان انسپيڪشن ڪرائينداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close