سنڌ

ڪراچي ۾ باهه،ڪيس پراپرٽي جون 500 موٽرسائيڪلون سڙي ويون

گلشن اقبال ۾ قائم نظارت ۾ باهه لڳڻ سبب سوين موٽر سائڪلون گاڏيون بس ۽ رڪشا سڙي ويا، فائر برگيڊ جي 6 گاڏين ڏيڍ ڪلاڪ کان پوءِ باهه تي ضابطو آڻي ورتو، سنڌ جي وڏي وزير باهه لڳڻ جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر ڪراچي کان رپورٽ گهري ورتي. تفصيل مطابق ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال بلاڪ 10 ۾ قائم نظارت ۾ لڳندڙ خوفناڪ باهه سبب ڪيس پراپرٽيز جون 500 کان وڌيڪ موٽر سائيڪلون بس رڪشا ۽ ٻيون ڪيتريون گاڏيون سڙي رک ٿي ويون. فائر برگيڊ عملدارن مطابق جيئن ئي باهه جو اطلاع مليو ته شروعاتي طور تي چار گاڏيون موڪليون، جڏهن ته باهه جي شدت کي ڏسندي وڌيڪ ٻه گاڏيون گهريون ويون ۽ واٽر ٽينڪر جي ذريعي فائر برگيڊر کي پاڻي مهيا ڪيو ويو، فائرنگ برگيڊ مطابق گلشن اقبال عزيز ڀٽي پارڪ ويجهو ديوين ۾ لڳل باهه ڏسندي ئي ڏسندي پکڙجي وئي ۽ باهه گاڏين کي به وڪوڙي وئي، فائر فائٽرز باهه وسائڻ جو عمل شروع ڪيو ۽ اتي موجود گاڏيون خاص طور ٽائرن جي ڪري هر پاسي دونهون ڦهلجي ويو ۽ سڄي علائقي ۾ ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا، جنهن سبب رهائشي سخت پريشاني کي منهن ڏيندا رهيا، فائر برگيڊ اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ جي سخت جدوجهد کان پوءِ باهه تي ڪنٽرول ڪري ورتو، جنهن کان پوءِ ڪولنگ جو عمل شروع ڪيو ويو، باهه لڳڻ سبب 500 کان وڌيڪ موٽر سائيڪلون، هڪ بس ٻه رڪشا ۽ ٻه درجن کان وڌيڪ گاڏيون مڪمل طور تي سڙي رک ٿي ويون آهن، جڏهن ته فوري طور تي باهه لڳڻ جو سبب ۽ نقصان جي ماليت جو ڪاٿو نه لڳي سگهيو. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ گلشن اقبال ۾ واقع نظرات ۾ باھھ لڳڻ جو نوٽس وٺندي ڪمشنر ڪراچيءَ کي ھدايت ڪئي تھ انھيءَ واقعي بابت مڪمل رپورٽ ڏني وڃي. ھن وڌيڪ چيو تھ باھھ لڳڻ سان ٿيل نقصان جا تفصيل پڻ پيش ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button