سنڌ

“آفر آرڊر ڏيو” اين ٽي ايس پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا

اين ٽي ايس پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. هنن گهر ڪئي ته اسان کي نوڪريون ڏئي انصاف ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ گولاڙچي ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ ۽ سنڌ ها ڪورٽ حيدرآباد ۾ پٽيشنر داخل ڪرائيندڙ مشتاق ميمڻ، مقبول جت، غضنفر، وشنو مل، رجب ميمڻ، عبدالغفار ميمڻ ۽ امان الله ميمڻ ٽي وي جرنلسٽ ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ عورت ۽ مرد اميدوارن پنهنجي ٻارن سميت هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي محمد جمن عارباڻي، ماجد علي تنيو، ذوالفقار علي ميراڻي، محمد حفيظ عباسي، احمد شاهه، خليل احمد، سعيد احمد تنيو، محمد بخش مغيري ۽ بلاول زنگيجو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. رتيديري ۾ اميدوارن نياڻين سميت حبيب سنڌي، اڪبر عمراڻي، آصف مگسي، فياض سيلرو، افضل ٻپڙ، خالد سومرو، عبدالحفيظ جلباڻي ۽ ارشاد سومرو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. قمبر ۾ اين ٽي ايس پاس پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي اميدوارن ڪامران ميمڻ، محمد رفيق چچو، جنيد احمد تنيو، آڪاش، عبدالمجيب، امير فيصل، رياض احمد تنيو، خورشيد احمد، الله بخش ۽ طفيل احمد جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو. نوابشاهه ۾ منصور مري، يعقوب لانگاهه، رياض حسين خاصخيلي، شوڪت علي رند، عرفان لانگاھه، لال بخش سھتو، محسن لانگاھه، عزيز ڏاھري ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. دادو ۾ عورت ۽ مرد اميدوارن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي فدا حسين لغاري، جاويد لغاري، منور سيال، ثمينه سولنگي، مهرالنساءِ، صنم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو. هنن چيو ته 2013ع ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪئي، پر سنڌ سرڪار ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن نظرانداز ڪري من پسندن کي آرڊر ڏئي اسان کي ويٽنگ ۾ رکيو، ڪجهه اميدوارن کي سيٽون گهٽ هجڻ جو جواز ڄاڻايو ويو، عدالت حڪم جاري ڪيو هو ته اول اين ٽي ايس پاس اميدوارن کي آرڊر ڏنا وڃن، پر پو به ظلم ڪيو ويو. هنن گهر ڪئي ته اسان کي آفر آرڊر جاري ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button