آءِ جي موٽروي پوليس سائوٿ زون شاهد جاويد جي خصوصي هدايتن تي سيڪٽر ڪمانڊر عطاءُ الرحمٰن بسن جي مالڪن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ خانگي ڪوچ ڪمپنين جيئو فرحان، ڊي ايم سي، اي ڪي سي، جيو لاڙڪاڻه، جيو فيضان، جيو مدينه جي مالڪن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته سمورن بسن جا ڊرائيور تربيت ۽ لائسنس يافته هجڻ ضروري آهي ۽ هاءِ ويز تي بسون هلائيندڙ ڊرائيور پنهنجي ذميواري جو احساس ڪن. ڇاڪاڻ هاءِ ويز تي ڪيترائي خطرناڪ موڙ موجود آهن ۽ موڙن بابت موٽروي پوليس طرفان ڊرائيورن کي آگاهي پڻ ڏني وئي آهي. هن چيو ته بسن جا ڊرائيور ٽريفڪ قانون جي پاسداري ڪن ٻي صورت لائسنس رد ڪرڻ سان گڏ انهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي. هن چيو ته موٽروي پوليس هر وقت مدد ڪرڻ لاءِ تيار رهي ٿي جيئن عوام جي جان ۽ مال جو نصاان نه ٿئي. هن قسم جي ملاقات جو مقصد روڊن تي هلندڙ ٽريفڪ آسانيءَ سان پنهنجي منزلن ڏانهن روان دوان هجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close