ڦلجي اسٽيشن ۾ عوامي لائبريري لا سماجي تنظيم مخدوم بلاول ايسوسيئيشن سنڌ (مبواس) پاران جدوجهد جاري آهي. تنظيم جي اڳواڻن جهانگير آرائين، رانا نصرالله، هالار آرائين،مشھور ميمڻ.سليم ڏھوٽ، علي جان لغاري،راو انور علي ۽ ٻين شهر جي شهيد فاضل راهو چوڪ کان ايوان صحافت چوڪ ريلي ڪڍي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ووٽ وٺندڙن نمائندا عوامي سهولتون ڏيڻ کان لنوائي غائب ٿي ويا آهن، گذريل ڪيترن مهينن کان شهر ۾ عوامي لائبريري جي قيام لا جدوجهد ڪيون پيا، مظاهرا، ريليون، پنڌ مارچ ڪيا آهن پر سنڌ حڪومت توڙي ضلعي انتظاميا کي علم جي واڌاري لا اونو ناهي، هنن چيو ته اسانجي جدوجهد جاري رهندي. هنن وڏي وزير ۽ ثقافت کاتي جي وزير کان مطالبو ڪيو ته ڦلجي اسٽيشن شهر ۾ سرڪاري عوامي لائبريري قائم ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close