سنڌ

صوبائي وزير شهلا رضا سان پاڪستان ۾ ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر وينڊي گلمور جي ملاقات

عورتن جي ترقي بابت صوبائي وزير سنڌ شهلا رضا سان پاڪستان ۾ ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر وينڊي گلمور (Wedy Gilmour) وفد سان گڏ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ يونائيٽڊ نيشنز پاپوليشن فنڊ (UNFPA) جي نمائندي بخيار ڪاردروو (Bakhtior Kardirov) ، پروگرام اسسٽنٽ اعجاز احمد ۽ ايس آر ايڇ اينالسٽ سعادت حسين کوکر پڻ گڏ هئا. صوبائي وزير شهلا رضا وفد جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو. ملاقات ۾ (UNFPA) ۽ آغا خان فائونڊيشن پاڪستان (AKFP) جي سهڪار ۽ گلوبل افيئرز ڪينيڊا (GAC) جي سهڪار سان عورتن ۽ ڇوڪرين جي صحت گڏيل فيملي پلاننگ ۽ ماءُ جي صحت بابت پاڪستان جي 12 ضلعن ۾ “صحت مند خاندان” پراجيڪٽ جي شروعات ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد صوبائي وزير کي ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ قمبر شهدادڪوٽ ۾ سيف هائوس جو دورو ڪيو آهي، جيڪو پراجيڪٽ لاءِ سڀ کان وڌيڪ مناسب آهي. صوبائي وزير شهلا رضا پراجيڪٽ تي تيزي سان عملدرآمد جي حوالي سان پنهنجي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو، جڏهن ته وفد کي عورتن جي ترقي واري کاتي سنڌ جي تحت مختلف پراجيڪٽس سان لاڳاپيل تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button