سنڌ

سنڌ جي بئراجن تي پاڻي کوٽ 61 سيڪڙو ٿي وئي

سنڌ جي بئراجن ۾ پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، چانور، ڪپهه، ڪمند ۽ خريف جا ٻيا فصل سخت متاثر ٿي رهيا آهن. آبپاشي ترجمان موجب سکر، گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراجن ۾ پاڻي جي کوٽ 61 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. ترجمان ايريگيشن جو چوڻ هو ته سکر بئراج جي ڪئنالن جي پاڻي جي گهرج 56 هزار ڪيوسڪ آهي پر 30 هزار 675 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. گڊو بئراج جي ڪئنالن لا پاڻي جي طلب 31 هزار 100 ڪيوسڪ آهي پر 9 هزار 362 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي. ڪوٽڙي بئراج جي ڪئنالن لاءِ پاڻي جي طلب 32 هزار 460 ڪيوسڪ آهي پر 10 هزار 195 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي. آبپاشي کاتي جي ترجمان موجب سکر بئراج تي پاڻي جي کوٽ 44 سيڪڙو، گڊو بئراج تي 79 سيڪڙو ۽ ڪوٽڙي بئراج تي 68 سيڪڙو پاڻي کوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اها به نشاندهي ڪئي وئي ته گذريل 40 سالن ۾ بئراجن ۾ پاڻي جي سطح ايتري گهٽ نه ٿي آهي جيتري هاڻي ٿي رهي آهي. پاڻي جي کوٽ سبب خريف جا فصل چانور، ڪپهه، ڪمند ۽ ٻيا فصل سخت متاثر ٿيا آهن. آبپاشي کاتي موجب جيڪڏهن ايندڙ ڏينهن ۾ برسات نه پئي ته سنڌ ۾ پاڻي جو بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button