سنڌ

موري ۾ خوراڪ کاتي جي عملدارن جي ڏاڍ خلاف واپارين جي پيادل ريلي

مورو ۾ فوڊ کاتي پاران واپارين جي خريد ڪيل ڪڻڪ زبردستي کڻڻ خلاف واپاري اتحاد پاران مورو باءِ پاس کان پيادل ريلي ڪڍي مورو پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو، جنھن جي اڳواڻي اعجاز ڪورائي، حاجي احمد عالماڻي، بشير احمد سيھڙ، محمد مراد عالماڻي، حضور بخش لغاري، سجاد شاهھ، عزيز سنگراسي، عاشق حسين سولنگي، ملڪ اصغر ڪالي، احمد ٻرڙو، عبدالغفار سيٺار، ممتاز عالماڻي، اميت ڪمار، لال چند، مشتاق سيٺار، لجپت ڪمار ديوان ۽ ٻيا ڪري رهيا ھئا. ان موقعي تي ھنن صحافين سان ڳالھيندي چيو ته اسان واپاري آھيون، پنھنجا پئسا ڏئي ڪڻڪ خريد ڪريون ٿا پر اھا ھاڻي زور زبردستي ڪري فوڊ کاتي جو ڊي ايف سي نوشھروفيروز، فوڊ انسپيڪٽر مورو پنھنجي پرائيويٽ ماڻھن جي مدد سان ڏاڍ ڪري سرڪاري اگهھ 5500 تي کڻي رھيا آھن، جڏھن ته اسان 6700 رپين ۾ ڪڻڪ خريد ڪئي آھي جيڪو اسان کي نقصان آھي ۽ اھو نقصان اسان ھرگز قبول نه ڪنداسين، اسان واپارين سيزن شروع ٿيڻ کان ھن وقت تائين ڪڻڪ جون هزارين ٻوريون ڏنيون آھن پر ان باوجود اسان سان بنا جواز ناانصافي ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button