اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سنڌ هيلٿ ڪميشن جي اڳواڻيءَ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو پوليس سان گڏجي سان شهر جي جيل روڊ، مراد واهڻ، يار محمد ڪالوني، آريجا ڦيڙهو روڊ ۽ ٻين مختلف علائقن ۾ عطائي ڪلينڪن تي ڇاپا هڻي 5 ڪلينڪون سيل ڪري 2 عطائي ڊاڪٽرن کي گرفتار ڪري ورتو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو ٻڌايو ته اسان سنڌ هيلٿ ڪميشن ٽيم سان گڏجي بغير ڊگري جي ڪلينڪون هلائيندڙ 2 عطائي ڊاڪٽرن کي گرفتار ڪيو آهي، جڏهن پنج ڪلينڪون سيل ڪيون ويون آهن. هن چيو ته عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪ تي انساني صحت لاءِ نقصان ڪار دوائون موجود هيون جيڪي هڪ مريض کان ٻئي مريضن تائين مختلف قسمن جي بيماريون منتقل ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته اسان ھيلٿ ڪيمشن سان گڏ آهيون اهڙي عطائي ڊاڪٽرن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي سگهن ٿا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close