باقراڻي ۾ يوسي مڏباھو جي پ پ جي نامزد وائيس چيئرمين اميدوار محمد قاسم ميئو راجپوت جي اڳواڻي ۾ ابڙا برادري خلاف پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي محمد قاسم راجپوت، محمد رمضان، اختر، يونس، شفيع راجپوت، محمد صفر راجپوت ۽ ٻين الزام هنيو ته ابڙا برادري جي 20 کان وڌيڪ هٿياربندن موٽر سائيڪلن جي مستري بلاول مئيو راجپوت جي دوڪان تي ڪاهه ڪري مٿس تشدد ڪري کنڀي کڻي سخت تشدد جو نشانو بڻائي کيس ڦٽو ڪري ڇڏيو. ھنن چيو ته گذريل ڏينهن باقراڻي ۾ ابڙا ۽ جتوئي ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو هو، هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪئي وئي، جڏهن ته اڄ ابڙا برادري جي هٿياربندن جتوئين بدران اسان جي نوجوان کي کنڀي کڻي تشدد ڪيو جيڪو ظلم آهي. ھنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ھٿياربندن خلاف ڪيس داخل ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾سخت احتجاج ڪيو ويندو. واقعي جي اين سي باقراڻي ٿاڻي تي غازي ابڙو، مجاهد ابڙو، راشد ابڙو، دلبر ابڙو، غلام حسين ابڙو سميت 20 کان وڌيڪ ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close