رتوديرو جي ڀٽا وانڍ محلي وارڊ هڪ جي رهواسي ميمڻ برادري بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ارشاد علي، عبدالرزاق، سڪندر علي، نثار علي، عبدالوهاب، فراز علي، شيراز علي، شاهجهان ميمڻ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان پنهنجن وڏن کان وٺي هميشه پ پ کي ئي ووٽ ڏيندا آيا آهيون پر ان هوندي به اسان کي سدائين نظر انداز ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته وارڊ هڪ ۾ اسان جا گھٽ ۾ گھٽ 500 ووٽ آهن پر تنهن باوجود به اسان جا پڙهيل لکيل نوجوان بيروزگار آهن، ان کانسواءِ بجلي جي ٽرانسفارمر ۽ مٺي پاڻيءَ جو وڏو مسئلو آهي، اسان هر وقت پ پ اڳواڻن کي پنهنجن مسئلن کان آگاهه ڪندا رهيا آهيون پر انهن اسان لاءِ پنهنجا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن اسان کي بنيادي سهولتون ڏيڻ بدران رلايو ويندو آهي. هنن چيو ته جيسيتائين اسان کي بنيادي سهولتون ۽ نوجوانن کي روزگار نه ڏنو ويندو تيسيتائين اسان مڪاني چونڊن جو بائيڪاٽ ڪنداسين ۽ پ پ سميت ڪنهن اميدوار کي ووٽ نه ڏينداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close