سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پ پ ليڊيز ونگ اڳواڻ جو پوليس خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ اڳواڻ صنم راڄپر گهر ڀاتين سان گڏجي شهيد الاهي بخش سيال ٿاڻي جي پوليس خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي صنم راڄپر پنهنجي ڀاءُ عاطف، ڀاڻيجو عامر راڄپر ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته گذريل خميس شام ڌاري آءُ پنهنجي ڀيڻ مهيلا، ڀاءُ عاطف، ڀاڻيجن، عامر، عديل ۽ ٻين سان گڏجي ڳلي جي ڪينسر ۾ مبتلا ڀيڻوويي الطاف حسين راڄپر کي ڪار ۾ کڻائي لاڙڪاڻي ڊاڪٽر ڀڳوان داس وٽ آياسين جتي ٽيسٽون ڪرائڻ بعد اسان رات 10 هين وڳي واپس خيرپور وڃي رهيا هئاسين ته لاڙڪاڻو خيرپور پل ويجهو شهيد الاهي بخش سيال ٿاڻي جي ايس ايڇ او عرس نوناري ۽ ننڍي منشي سول ڪپڙن ۾ ٻين اهلڪارن سان گڏجي اچي اسان جو اڳ جهلي مون کي ڪار مان لاهي زوري پنهنجي گاڏي ۾ ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي هن مون کي وارن مان جهلي تشدد جو نشانو بڻائڻ سان گڏ منهنجي ڀاءُ ۽ ڀاڻيجن مٿان تشدد ڪري اسان کان 92 هزار روڪ رقم، آءِ فون، هڪ اينڊرائيڊ موبائيل، سونو لاڪيٽ ۽ ٻيو سامان ڦرلٽ ڪرڻ بعد اسان کي ٿاڻي تي بيگناهه ويهاري ڇڏيو، جتي ٻن ڪلاڪن تائين اسان کي ٿاڻي تي رکي حراسان ڪيو ويو. صحافين جي پهچڻ بعد ايس ايڇ او عرس نوناري گهر ڀاتين سميت ڇڏي ڏنو. هن چيو ته مون اهڙي شڪايت لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي آفيس ۾ راشد پٺاڻ کي ڪئي پر چار ڏينهن گذرڻ باوجود ايس ايڇ او عرس نوناري ۽ ٻين خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي، جنهن ڪري مون کي گهر ڀاتين سميت ايس ايڇ او کان جان جو خطرو آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته ايس ايڇ او عرس نوناري ۽ ٻين اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري روڪ رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button