رتيديري ويجهو مڙس تشدد ڪري زال کي قتل ڪري ڇڏيو. خبر موجب رتوديرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمع شيخ ۾ مڙس ارباب شيخ پنهنجي ڀائرن سان گڏجي پنهنجي زال 8 ٻارڙن جي ماءُ 30 ورهين جي ڪنول ڌيءُ گل محمد شيخ کي لوهي سيخون ۽ لٺيون هڻي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو. اهڙو اطلاع ملڻ تي رتوديرو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا عورت جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال رتوديرو آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه سندس وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ مقتولا عورت جي پٽ نواب شيخ ميڊيا کي ٻڌايو ته معمولي ڳالهه تان منهنجي پيءُ ارباب ۽ سندس ڀائرن لوهي سيخون ۽ ڏنڊا هڻي امڙ کي ناحق قتل ڪيو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن رتوديرو پوليس جو چوڻ هو ته واقعي جو ڪارڻ گھريلو اڻبڻت تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. مقتولا عورت جي ڀاءُ رمضان شيخ جي فرياد تي رتوديرو ٿاڻي تي ارباب، عبدالجبار، سرتاج شيخ ۽ هڪ اڻڃاتل مٿان ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي جڏهن ته پوليس مک جوابدار مقتولا عورت جي مڙس ارباب شيخ کي گرفتار ڪري ورتو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close