سنڌ

جمس پاران ڳورهاري عورت کي بيدخل ڪرڻ خلاف احتجاج

جمس اسپتال انتظاميا جي نااهلي سبب ٽن ڏينهن کان داخل ڳورهاري عورت کي مبينا بيدخل ڪرڻ خلاف ايس ٽي پي پاران مک دروازي آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ٽي ڏينهن اڳ شيدي محلي واسڻ ڳورهاري عورت کي وارثن اسپتال ۾ داخل ڪرايو پر اسپتال انتظاميا عورت جو آپريشن نه ڪيو، جنهن سبب عورت جي حالت خراب ٿي وئي. جڏهن ته اسپتال انتظاميا ڳورهاري عورت کي اسپتال مان بيدخل ڪرڻ جو ڪرڻ جو چيو ته وارث مڇرجي پيا ۽ اسپتال انتظاميا خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران احتجاجي جلوس ضلعي صدر عبدالستار جاگيراڻي، نظام مستوئي، عبدالنبي مگسي، محمد عمر سولنگي ،سيد علي شاهه، ناصر شاهه، خادم سرڪي، آصف علي مستوئي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي جمس اسپتال جي مک دروازي آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي هنن دانهيندي چيو ته ٽن ڏينهن کان ڳورهاري عورت داخل آهي پر اڃان تائين ان جو آپريشن ناهي ڪيو ويو، جنهن سبب عورت جي حالت خراب ٿي وئي آهي، هاڻي انتظاميا پاران عورت کي بيدخل ڪرڻ جو چيو پيو وڃي جيڪا زيادتي آهي. جمس ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام حسين بروهي ۽ شاهد شاهه جي مقرري بعد جمس تباهي جي ڪناري تي پهچي ويو آهي. هنن صوبائي وزير صحت، سيڪريٽري صحت کان مطالبو ڪيو ته نااهل ڊائريڪٽر کي ھٽائي جمس کي بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button