سنڌ

ماڙي پيٽروليم ۾ فوت ٿيل پورهيت جي وارثن جو احتجاج

ڏهرڪي ۾ ماڙي پيٽروليم ڪمپني ۾ ڊيوٽي دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل پورهيت عبدالحميد ڀٽو جي وارثن انصاف لا احتجاج ڪيو. ان موقعي تي فوتي پورهيت عبدالحميد ڀٽو جي پي عبدالوهاب ڀٽو دانهيو ته منهنجو پٽ عبدالحميد ڀٽو ماڙي پيٽروليم ڪمپني ۾ اليڪٽريشن جو ڪم ڪندو هو، اهو انچارج ريٽائرڊ حوالدار جاويد اختر جي غفلت سبب 16 سال اڳ ڊيوٽي دوران بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو هو، احتجاج ڪرڻ تي ڪمپني انتظاميه مونکي فوتي پٽ عبدالحميد جي عيوض هڪ نوڪري ڏيڻ ۽ ٻيو پٽ عبدالسمع جيڪو ڪمپني ۾ ڪچو ملازم هو، ان کي پڪو ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو پر 16 سالن کان انصاف ناهي ڪيو ويو. هن مطالبو ڪيو ته ڪمپني انتظاميه جي زيادتين جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button