جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو چيو آهي ته عمران خان لاءِ جي يو آءِ سڀ کان پھريان بي اعتمادي ظاھر ڪندي چيو ھو ته عمران نيازي ملڪ ٽوڙڻ چاھي ٿو جيڪو ھن وقت صاف ظاھر ٿي چڪو آھي ته عمران خان آءِ ايم ايف سان ملڪ دشمن معاھدا ڪري ملڪ اندر مھانگائي جو سونامي آندو آھي. هن اهڙو اظهار پير وسڻ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. راشد محمود سومرو وڌيڪ چيو ته جي يو آءِ سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف اڳ به آواز بلند ڪيو ۽ ھاڻ به سنڌ جي مظلوم ماروئڙن ۽ ھارين سان گڏ آھي. سنڌ جي حقن تي ڌاڙا بند ڪري فورن سنڌ کي پاڻي ڏنو وڃي. علامه راشد محمود سومرو چيو ته سنڌ حڪومت جيڪڏهن بلديات اليڪشن صاف شفاف نه ڪرائي ته اسان گھوٽڪي کان وزاعلى ھائوس ڪراچي تائين پيادل مارچ ڪري ثابت ڪنداسين ته جي يو آءِ عوامي مفادن خاطر ھر محاذ تي جنگ ڪندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close