سنڌ

ڏهرڪي ڀرسان اغوا ٿيل 3 نوجوان بازياب نه ٿيا،شهرين جو مظاهرو

ڏهرڪي ويجهو اغوا ٿيل ٽن نوجوانن نصير سومرو، صدام سومرو ۽ عاقب سميجو جي بازيابي لاءِ هيومن رائٽس جي سڏ تي شهرين ريتي ۾ مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن عبدالمجيد ميتلو، مظفر شيخ، عرفان علي منگي، غلام رسول رند، محمد پنھل چاچڙ ۽ ٻين چيو ته پوليس جي نااهلي سبب ضلعو گھوٽڪي اغوا، ڦرن، قتل، قبائلي جهڳڙن جي باهه ۾ ٻري رھيو آھي پر ضلعي انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي. ھنن چيو ڏهرڪي جي صحافي اظهر سومرو جي ڀاءُ، سئوٽ ۽ سندس مائٽ کي ڌاڙيل دعوت تان واپس ايندي اغوا ڪري ويا. مهينو گذرڻ باوجود پوليس انهن جي بازيابي لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو. ھنن مطالبو ڪيو ته اغوا ٿيل ٽن نوجوانن کي جلد بازياب ڪرايو وڃي، نه ته ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button