نوابشاهه شهر ۾ ڊمپر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار 2 نوجوان شاگرد چيڀاٽجي فوت ٿي ويا. خبر موجب نوابشاهه جي ٿاڻي بالو جا قبا جي حد ۾ واقع ڳوٺ فقير جي کوھي جا رھواسي 2 ڪاليجي شاگرد 18 سال جو نادر پٽ بشير بروھي ۽ 20 سال جو ماجد پٽ اڪبر بروھي موٽرسائيڪل تي شھر کان ڳوٺ وڃي رھيا ھئا ته قاضي احمد موڙ تي ڏينھن جو غير قانوني طور شھر ۾ داخل ٿيل ڊمپر ٻنھي نوجوانن کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان ماجد ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته نوجوان نادر کي انتھائي نازڪ حالت ۾ پي ايم يو اسپتال پھچايو ويو، جتي هن دم ڏئي ڏيو. 2 ڳڀرو نوجوانن کي چيڀاٽيندڙ ڊمپر ڊرائيور واقعي بعد موقعي تان فرار ٿي ويو. ٻنھي ڳڀرو نوجوانن جا لاش ڳوٺ فقير جي کوھي آندا ويا ته سمورو ڳوٺ ڏک ۽ سڪتي ۾ وٺجي ويو. ھر گھر مان اوڇنگارون ۽ سُڏڪن جا پڙاڏا گونجڻ لڳا. هوڏانهن ڳوٺ جي نيڪ مرد انور بروھي چيو ته ڪافي وقت کان نوابشاهه جي چئني مکيه داخلا وارن ھنڌن تي مقرر پوليس اھلڪار ۽ چُنگي ناڪي وارا چند روپين جي لالچ ۾ ڏينھن جي وقت ڊمپرن ۽ ھيوي گاڏين کي گذرڻ جي اجازت ڏين ٿا. شھر جي ٻاھران باءِ پاس ٺھيل آھن پر پوليس لالچ خاطر اھڙو غير قانوني ڪم ڪري ٿي، جنھن جي نتيجي ۾ اڄ اسان جا 2 ڳڀرو نوجوان چيڀاٽجي فوت ٿي ويا آھن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close