سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اسد عمر ۽ شيرين مزاري جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ڊي جي آئي ايس پي آر هڪ ڀيرو ٻيهر پي ٽِي آ جي سازشي ٿيوري رد ڪري ڇڏي آهي. پي ٽِي آ جو بيانيو ڪوڙو هجڻ بابت آئي ايس پي آر جو بيان حرف آخر آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته ادارن پاران جاچ کان پوءِ ئي ڊي جي آئي ايس پي آر اهو بيان ڏنو آهي. پي ٽي آئي وارا پنهنجو بيانيو ڪوڙو ثابت ٿيڻ تي آخر ادارن تي ڇو ڪاوڙيل آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽِي آ جي ڪوڙي بيانيي کي ادارا ڪيئن صحيع چون ؟ سڀني کي خبر آهي ته سازش وارو خط ڪنهن لکرايو. هن چيو ته زبردستي ڪوڙ کي سچ نٿو چئي سگھجي. پي پي ٽِي آ پنهنجي ڪوڙي بيانيي کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ ادارن کي نشانو نه بڻائي. هن چيو ته پي ٽِي آ حڪومت پرڏيهي سازش سان نه پر پنهنجي نااهلي جي ڪري ختم ٿي آهي. سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير چيو ته پاڪستاني معيشت تباهه ڪرڻ جو آسڪر ايوارڊ عمران خان کي ملڻ گھرجي. هن چيو ته پوري قوم عمران خان جي ڌٻڻ مان ملڪ کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close