سنڌ

غير ترقياتي خرچ 60 سيڪڙو کان مٿي ناهن، نئون پينشن پلان جوڙي رهيا آهيون:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته غير ترقياتي بجيٽ 60 سيڪڙو کان مٿي ناهي، ملازمن جي رٽائرمينٽ تي 174 ڏهائي229 ارب رپين جو ٻوجهه صوبائي خزاني تي آهي، ان تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي ۽ سندس حڪومت نئين پينشن پلان متعارف ڪرائڻ جي اسڪيم تي ڪم ڪري رهي آهي. ڪالهه پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته 1714 ارب رُپين جِي ٽئڪس فري بجيٽ پيش ڪئي آهي، سنڌ بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه پيا لڳايون، نوان ٽيڪس لڳائڻ بدران عوام کي رليف ڏئي رهيا آهيون. وڏي وزير چيو ته صوبائي سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ 332 ارب رُپيا رکيا آهن، ضلعن جي ترقياتي بجيٽ لاءِ 30 ارب رُپيا مختص ڪيا آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو تھ آبپاشي جي بجيٽ وڌائي 24 ارب رُپيا رکي وئي آهي، زراعت ۽ آبپاشي جي اسڪيمز لاءِ 36 ارب رُپيا مختص ڪيا ويا آھن، هارين لاءِ ٻِج، ڀاڻ ۽ جيت مار دوائن جي مد ۾ 3 ارب سبسڊي رکي وئي. مراد علي شاهه چيو ته غير ترقياتي خرچ مجموعي بجيٽ جو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نه آهن پر سندس حڪومت ان کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ملازمن جي رٽائرمينٽ تي 174 ڏهائي229 ارب رپين جو ٻوجهه صوبائي خزاني تي آهي، ان تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي ۽ سندس حڪومت نئين پينشن پلان متعارف ڪرائڻ جي اسڪيم تي ڪم ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت اليڪٽرڪ گاڏين جي مفت رجسٽريشن لاءِ پاليسي جوڙي رهي آهي. هن چيو ته پيٽرول جا اگهه ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، تنهنڪري اسان جي حڪومت اليڪٽرڪ گاڏين جي مفت رجسٽريشن جي آڇ ڪري رهي آهي، جنهن لاءِ ڪابينا جي منظوري کانپوءِ پاليسي جو اعلان ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پيٽرول جي اگهن ۾ 40 سيڪڙو واڌ کي نظر ۾ رکندي سرڪاري آفيسرن جي پيٽرول جي ڪوٽا ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته آفيسرن جو پيٽرول الائونس رقم جي لحاظ کان ساڳيو آهي پر شين جي قيمتن ۾ 40 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته اهي (آفيسر) پنهنجي الائونس مان 40 سيڪڙو گهٽ پيٽرول خريد ڪري سگهندا، تنهنڪري غير ترقياتي خرچ مجموعي بجيٽ جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نه هوندا. وڏي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته 23-2022ع ۾ ڪراچي جي ترقياتي خرچن جو ڪاٿو 125 ارب رپيا آهي. رقم ۽ اسڪيمن جي بابت ڄاڻ ڏيندي مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ 750 مخصوص اسڪيمن لاءِ 80 ڏهائي 77 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جن مان 483 جاري اسڪيمن لاءِ 60 ڏهائي 686 ارب رپيا ۽ 267 نين اسڪيمن لاءِ 19 ڏهائي 390 ارب رپيا رکيا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ضلعي اي ڊي پي لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن ۽ پرڏيهي امداد ذريعي 7 منصوبن لاءِ 40 ڏهائي 715 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جن ۾ ڪراچي کي رهڻ لائق شهر بڻائڻ (Click)، ڪراچي نيبر هوڊ امپروومينٽ پروجيڪٽ (KNIP)، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپرومينٽ پروجيڪٽ فار انوائرمينٽ (KWSSIP) فيز-I ۽ -II، سوشل سيف گارڊس اينڊ ڊيزائن اسٽڊيز، سولڊ ويسٽ ايمرجنسي اينڊ ايفيشينسي پروگرام (SWEEP)، BRT ريڊ لائين ڪراچي جي تعمير ۽ ڪراچي اربن موبلٽي پروجيڪٽ – BRT Yellow Line رٿائون شامل آهن. مراد علي شاهه 5 ارب رپين جي لاڳت سان سيف سٽي (پائلٽ حصو ايندڙ سال مڪمل ڪيو ويندو) سميت 32 وڏن منصوبن جو پڻ ذڪر ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير خيرپور ضلعي جي ننڍڙي شهر گمبٽ کي ميڊيڪل سٽي بڻائڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته شهرن لاءِ ميڊيڪل ٽورزم جو نئون اصطلاح جوڙيو ويو آهي، جتي ماڻهو علاج لاءِ ويندا ۽ گمبٽ ۾ صحت بابت هڪ ادارو قائم ڪري هر قسم جون طبي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن وقت ٿر بلاڪ II مان 660 ميگاواٽ ڪوئلي مان بجلي پيدا ٿي رهي آهي ۽ ايندڙ سال جي آخر تائين ڪوئلي مان 2000 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي ويندي. هن چيو ته ٿر نه رڳو ملڪ جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو پر پنهنجي واڌو پيداوار کي برآمد ڪري پرڏيهي مٽاسٽا لاءِ پڻ ڪمائي سگهي ٿو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ان جي وڌ کان وڌ صلاحيت کي ڪيئن استعمال ڪيو وڃي. مراد شاهه چيو ته حيسڪو/سيپڪو، ڪي اليڪٽرڪ، لوڪل ڪائونسلز، ڪي ڊبليو ايس بي ۽ ٻين کاتن جي بجلي جي بلن جي ادائيگي لاءِ 21 ارب رپيا رکيا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان جي 65 سيڪڙو آبادي 35 سالن تائين جي نوجوانن تي ٻڌل آهي تنهنڪري اسان فيصلو ڪيو آهي ته هر ضلعي ۾ يونيورسٽيون يا يونيورسٽي ڪيمپس قائم ڪيون وڃن ته جيئن انهن کي ٽيڪنيڪل تعليم ڏئي سگهجي ۽ سندس حڪومت پنجن سالن جي آئي ٽي پاليسي جو اعلان ڪرڻ واري آهي. مراد علي شاهه اعلان ڪيو ته هن يونيورسٽين/ ڪيمپسز جي منصوبن لاءِ 100 سيڪڙو فنڊ رکيا آهن ته جيئن اهي هڪ يا ٻن سالن ۾ مڪمل ٿي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته ٿر ۾ ٿر ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ اڳواٽ ئي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ايندڙ مالي سال ۾ ان کي مڪمل يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير اعلان ڪيو ته هر ضلعي ۾ يوٿ سينٽر پڻ قائم ڪيا پيا وڃن، جنهن لاءِ 100 سيڪڙو رقم رکي وئي آهي. نوجوانن جي مرڪزن ۾ هڪ آڊيٽوريم، لائبريري، ٽڪ شاپ، ٽي وي هال، جم ۽ ٻيون سهولتون هونديون جن جو مقصد اسان جي نوجوانن کي صحتمند سرگرميون مهيا ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهي (نوجوان) آئي ٽي انڊسٽري، آرٽيفيشل انٽيليجنس منصوبن ۽ ادبي سرگرمين ۾ شامل ٿي پنهنجو پاڻ لاءِ سهارو بڻي سگهن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button