سنڌ

ڊيرا الهيار ۾ پاڻي جي ٽريڪٽر ٽينڪر جي ڊرائيورن جو احتجاج

جعفرآباد جي شھر ڊيرا الهيار ۾ پاڻي واري ٽريڪٽر ٽينڪر جي ڊرائيورن ۽ مالڪن پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن خلاف پنھنجا ٽريڪٽر ٽينڪر بيھاري مظاهرو ڪري احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ورتي. ان موقعي تي ڊرائيورن ۽ ٽينڪر مالڪن عبدالرزاق، بختيار ابڙو، شير محمد جمالي ۽ ٻين الزام مڙهيندي چيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن واهه مان پاڻي ڀرڻ تان اسان جي پاڻي وارا موٽر کڻائي وئي ۽ اسان جي ڊرائيورن کي گرفتار ڪرايو ويو آهي. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري گرفتار ڊرائيورن کي آزاد ڪري انصاف ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ بلوچستان روڊ تي ڌرڻو هڻنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button