سنڌ

ٺل ۾ حد دخلين خلاف ڪارروائي، عملي ۽ واپارين ۾ جهيڙو، احتجاجي ڌرڻو

ٺل ۾ حد دخلين خلاف ڪارروائي دوران شهرين ۽ واپارين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻُ هنيو. ٺل ۾ ميونسپل ڪميٽي جي عملي حددخلين خلاف ڪارروائي ڪندي شفيع محمد نوناري ۽ محمد سومر جا صندل کڻڻ بعد سندن دوڪانن ۾ پيل سامان کي مبينا کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته دوڪاندارن شفيع محمد نوناري ۽ ميونسپل عملي شوڪت حسين ٻرڙو ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن بعد سوين شهري گڏ ٿي ويا. ميونسپل عملي سان پوليس پڻ گڏ هئي، جنهن بعد ميونسپل عملي دوڪاندارن جو سامان کڻي گاڏين ۾ رکي ڇڏيو. رات دير سان ميونسپل ڪميٽي جي اهڙي عمل خلاف ايس ٽي پي ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري جونگل موڙ تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي مختلف وارڊن جي اميدوارن ڪامريڊ لطف الله لاشاري، برڪت لاشاري، اصغر علي لاشاري، عبدالرزاق لاشاري، ممتاز حسين ٻرڙو، شفيع محمد نوناري، ظفر لاشاري ۽ ٻين دانهيندي چيو ته مڪاني چونڊون ويجهو ايندي ئي هاڻي سان ئي انتقامي ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن، ووٽ نه ڏيڻ تي حددخلين جي آڙ ۾ دوڪاندار جا صندل کڻايا پيا وڃن، جڏهن ته حددخلين خلاف من پسند ماڻهن کي ڇڏي ٻين خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي پر اسان جهڪڻ وارا ناهيون. هنن مطالبو ڪيو ته ميونسپل عملي جي اهڙي عمل جو نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو. ميونسپل ڪميٽي جي عملي موجب حددخلين هٽائڻ لا ڪارروائي ڪئي ته شهرين رڪاوٽ وڌي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button