سنڌ

رتوديرو پوليس مٿان همراهه کي گم ڪرڻ جو الزام،عورتن جو احتجاج

رتوديرو (ن، سنڌ ايڪسپريس) رتوديرو ويجهو ڳوٺ گل محمد سيال جي رهواسي عورتن اسلام خاتون، فائزا ۽ نجمه سيال معصوم ٻارڙن سان گڏ رتوديرو ٿاڻي آڏو احتجاج ڪندي ڌرڻو هڻي پوليس مٿان همراهه کي گم ڪرڻ جو الزام لڳايو. ان موقعي تي مائي اسلام خاتون زال نياز حسين سيال دانهيندي چيو ته منهنجي ڀائرن گذريل ڏينهن گھر ۾ اچي اسان عورتن مٿان تشدد ڪيو. هن چيو ته منهنجي ڀائرن عبدالقيوم، عبدالفتاح، عبدالوحيد، حبيب الرحمٰن ۽ عبدالحڪيم سيال اسان جي جڳهه تي قبضو ڪيو آهي، جنهن جو ڪورٽ سڳوري مان اسان ڪيس کٽيو آهي پر ان باوجود منهنجا ڀائر ڏاڍ ڪيو ويٺا آهن، 4 مهينا اڳ هنن منهنجي مڙس نياز حسين کي گم ڪرائي ڇڏيو هو، هن چيو ته منهنجو مڙس نياز رتوديرو ٿاڻي تي ڪورٽ جي فيصلي جا ڪاغذ کڻي آيو هو، جنهن کي رتوديرو پوليس ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو ۽ بعد ۾ هن کي پوليس گم ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته منهنجو مڙس شگر جو مريض آهي، جيڪڏهن ان کي ڪو نقصان پهتو ته ان جي ذميوار رتوديرو پوليس ۽ منهنجا ڀائر هوندا. هنن ڊي آءِ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته سالن ۽ ڀيڻوين جو پاڻ ۾ تڪرار هلندڙ آهي، اسان ڌرين کي فيصلي لا راضي ڪري همراهه سندن حوالي ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button