سنڌ

خيرپور ۾ عورت جو وڪيل تي جنسي زيادتي جو الزام

خيرپور ڀرسان ڳوٺ سمنگ چنا جي عورت پنهنجي وڪيل تي جنسي زيادتي جو الزام هنيو آهي. ان ڏس ۾ متاثر عورت پنهنجي ڀا ۽ ما سان گڏجي پريس ڪلب خيرپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪجهه وقت اڳ مان اڳوڻي مڙس کان ٻارن جو خرچ وٺڻ لا خيرپور جي وڪيل معرفت عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ لا ويس ته وڪيل مونکي 14 فيبروري 2022ع تي دوکي سان پنجاب کڻي وڃي ساٿي جوابدارن جي مدد سان هڪ هفتي تائين جنسي زيادتي جو نشانو بڻائيندو رهيو، جنهن بعد مونکي سازش تحت سکر جي دارالامان ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا، منهنجي دارالامان ۾ ھجڻ جو اطلاع وارثن کي مليو، جيڪي مون کي گهر وٺي آيا، جنهن بعد مون اي سيڪشن ٿاڻي خيرپور تي وڪيل ۽ ٻين جوابدارن خلاف فرياد کڻي ويس پر پوليس ڪو به تدارڪ نه ڪيو. منظور شھواڻي وڏو بااثر آھي. هنن آ جي سنڌ، ڊي آ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button