سنڌ

باهو کوسو ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاج

باهو کوسو ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف سوين آبادگارن آرڊي 44 جي پل تي احتجاجي ڌرڻو هڻي بلوچستان کان ايندڙ ويندڙ ٽرائفڪ بند ڪري ڇڏي. روڊ تي سوين گاڏين جي لائين لڳي وئي.ان موقعي تي اڳواڻن غلام عباس لاشاري، برڪت بنگلاڻي، ڳڀرو نوحڪاڻي بگٽي چيو ته بنا جواز دارغو پاڻي روڪيو ويٺو آھي. هنن چيو ته اسان جو لکين روپين جو ٻيجارو سڙي رهيو آھي. هنن چيو ته شاهي مائنر ۾ 9 فٽ پاڻي بيٺو آھي پر 36 مائنر جي آبادگارن ۽ 27 مائنر جي آبادگارن کي پاڻي نٿو ملي ۽ لکين روپين ٻجارو سڙي رهيو آھي. هنن چيف انجنيئر کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي نوٽيس وٺي 27 مائنر ۽ 36 مائنر جي آبادگارن کي پاڻي ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ ڊي سي جيڪب آباد جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button