سنڌ

سرهاڙي ۾ علي بحر واهه ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو

سرهاڙي ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. علي بحر واهه مان نڪرندڙ سرهاڙي شاخ، لۡنڊو شاخ ۽ اوڄاڻو شاخ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي علي بحر واهه مان نڪرندڙ لنڊو شاخ، سرهاڙي ۽ اوڄاڻو شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف سوين آبادگارن نديم سوڍو خاصخيلي، اڪبر زرداري، نظر بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي آبادگارن دانهيندي چيو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان علي بحر واهه بند آهي، جنهن ڪري اسان جي ٽن شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري اسان جو ڪاهيل فصل وونئڻ، ڪمند ۽ ٻيا فصل سڪي رهيا آهن، پاڻي نه هجڻ ڪري چوپايو مال اۡڃ وگهي مري رهيو آهي، ٽن شاخن ۾ پاڻي نه ھجڻ ڪري سوين ايڪڙ زمين غيرآباد پيل آھي. هنن جو چوڻ آھي ته علي بحر واهه مان نڪرندڙ شاخون ھٿ سان بند ڪري اسان جا فصل سڪايا پيا وڃن. پندرھن پندرھن ڏينھن شاخون بند رھڻ ڪري پوک متاثر ٿي رهي آهي، مال جي پيئڻ لا پاڻي ناهي، پوکائي کان وٺي ھن مھل تائين پاڻي جي کوٽ شديد ٿي وئي آهي. هنن چيو ته اسان جو گذر سفر زراعت تي آھي، جيڪڏهن فصل نه ٿيندا ته اسان ٻچن جي روزي ڪٿان ڪنداسين. آبادگارن حڪومت سنڌ، آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي فوري طور تي علي بحر واهه ۾ پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button