سنڌ

ڏهرڪي ۾ آبادگارن جو پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو

ڏھرڪي جي سيھڙ واهه، نرلي مائنر، ريتي مائنر، شاهه مائنر، ڏهر واهه، نهال واهه سميت ٻين واهن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ اسٽوڊنٽس ڪائونسل پاران مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي حيدر شر، شعيب شر ۽ علي عباس سميجو چيو ته اريگيشن کاتي جي راشي آفيسرن جي ملي ڀڳت سان سيھڙ واهه جي منڍ جا آبادگار وڏا پکا ھڻي ۽ واهه ۾ دڪا ٺاھي سڄو پاڻي چورائي رھيا آھن. نتيجي ۾ ڄاڻايل واهه ۽ ھن مان نڪرندڙ مائنرن جي وچ توڙي پڇڙي وارا آبادگار پاڻي ڦڙي لاءِ ترسي رھيا آھن. ھارين ۽ آبادگارن جا فصل سڙي رھيا آھن. ھزارين ايڪڙ زمين تي فصل پوکجي نه سگھيو آھي. ھنن چيو ته اسان اريگيشن کاتي جي آفيسرن کي ڪيترائي ڀيرا پاڻي چوري خلاف دانھيو آھي پر ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگھي آھي. هنن مطالبو ڪيو ته 48 ڪلاڪن اندر سيھڙ واهه سميت مڙني مائنرن ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي نه ته آچر ڏھاڙي احتجاج ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button