سنڌ

امن امان خراب ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي: شرجيل ميمڻ

انفارميشن، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اين اي 240 ۾ پوليس صورتحال تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته امن امان جي صورتحال کي خراب ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي، ٻن پارٽين جا ڪارڪن پاڻ ۾ هٿين پئجي ويا هئا، پوليس پهچي ڪارروائي ڪئي، شايد ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. هن چيو ته اين اي 240 تمام وڏو تڪ آهي، جتي پوليس نه هئي اتي فائرنگ وارو واقعو پيش آيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button