سنڌ

ڪراچي ۾ ننڍي چونڊ، تحريڪ لبيڪ ۽ متحده ۾ وڏو مقابلو، جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ڪيترائي زخمي

ڪراچي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 240 ڪورنگي 2 تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ اقبال محمد علي جي لاڏاڻي سبب خالي سيٽ تي ضمني چونڊ ٿي، پولنگ صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهي، پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ بعد ووٽن جي ڳڻپ وارو عمل شروع ڪيو ويو، ڳڻپ جي شروع کان ئي ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ تحريڪ ليبڪ پاڪستان جي اميدوارن ۾ سخت مقابلو رهيو، تحريڪ لبيڪ جو اميدوار شهزاده شهباز ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي محمد ابوبڪر کي هڪ ٻئي تي سرسي حاصل رهي، 309 پولنگ اسٽيشن مان 301پولنگ اسٽيشن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب تحريڪ لبيڪ جو اميدوار شهزاده شهباز 10372 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي رهيو، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي محمد ابوبڪر کي 10332 ووٽ مليا ۽ هو ٻئي نمبر تي رهيو. مهاجر قومي موومينٽ جي اميدوار رفيع الله کي 8 هزار کان وڌيڪ ووٽ مليا، پپيلز پارٽي جو ناصر رحيم 4936 ووٽ کڻي چوٿين نمبر تي رهيو، پاڪ سرزمين پارٽي جي شبير قائمخاني کي 4541 ووٽ مليا. هڪ پولنگ اسٽيشن تي جهيڙي سبب ان جو نتيجو روڪيو ويو جنهن ڪري چونڊن جو مڪمل نتيجو سامهون نه اچي سگهيو، تڪ جي 309 پولنگ اسٽيشن مان 203 پولنگ اسٽيشن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو هو، جتي پولنگ اسٽيشن سميت بوٿ تي پڻ ڪئميرا نصب ڪيا ويا هئا، جڏهن ته تڪ ۾ رجسٽرڊ ٿيل ووٽرن جو انگ 5 لک 29 هزار آهي، جتي 25 اميدوارن چونڊن ۾ حصو ورتو، تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي چونڊن ۾ حصو نه ورتو

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button