سنڌ

ڪنڌڪوٽ ويجهو گهٽي جي لنگهه تان جهيڙو، نوجوان قتل

ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي ڳوٺ رحمت خان سھرياڻي ۾ چنا برادري جي ٻن ڌرين مامن ڀاڻيجن وچ ۾ گھٽي جي لنگھه تان جھيڙو ٿي پيو، ڀاڻيجي نديم چني گوليون ھڻي پنھنجي مامي نظير احمد چنا کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن بعد وارثن لاش کڻائي سول اسپتال ڪنڌڪوٽ آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جو مڙھه گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. پوليس جو چوڻ آھي ته تڪرار مامن ڀاڻيجن وچ ۾ گھٽي جا لنگھه تان ٿيو آهي، ڀاڻيجي پنھنجي مامي کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. اھڙي واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو آهي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ پوليس ڇاپا ھڻي رھي آھي، کيس جلد گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button