سنڌ

اوٻاوڙو ۾ چونڊ مهم دوران جهيڙو، ڪئمپ پٽڻ جي ڪوشش، مظاهرا

اوٻاوڙو ۾ مڪاني چونڊ جي حوالي سان چونڊ مھم دوران ڌونڌو ۽ دايو برادري جي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، ان سلسلي ۾ ڌنڌو ڌر جي ڏنڊا بردارن جو جنرل ڪائونسلر وارڊ نمبر چار جي اميدوار ايڊووڪيٽ زاهد حسين دايو جي ويجهي مائٽ وجاهت دايو مٿان حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ وجاهت دايو سخت زخمي ٿي پيو، زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مڇريل ڏنڊا برادر ماڻهن ڪئمپ تي ويٺل پ پ ورڪرن ۽ حمايتين کي پڻ ڀڄائي ڪئمپ پٽڻ جي ڪوشش ڪئي. شهر اندر وڌندڙ بدامني خلاف پ پ سينيٽر ڄام مهتاب ڏهر متاثر ڌر سان گڏجي نيشنل پريس ڪلب پهچي ويو، جتي دايا ڌر جي ماڻهن پ پ تعلقي صدر مختيار دايو، ايڊووڪيٽ زاھد دايو، خورشيد دايو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته ڪجھه ڏينھن اڳ ڪوڏي ڪوڏي دوران ٿيل جھيڙي دوران ميوو ڌونڌو ڌڪ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو ھو، جنھن جا 7 مان 6 جوابدار اوٻاوڙو پوليس حوالي ڪري ڇڏيا آهن پر پوءِ به ڌونڌو ڌر اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، اسان کي شھر ۾ نڪرڻ نه ٿو ڏنو وڃي، ڪاروبار به بند آهي، عدم تحفظ جو شڪار آھيون تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

ان دوران پ پ سينيٽر ڄام مهتاب ڏهر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شهر جو امن مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي جو شهر اندر ڏوهاري ماڻهو داخل ٿي شريف شهرين کي حراسان ڪري تنگ ڪري رهيا آهن، ڌونڌو ڌر جو بااثر صابر اليڪشن دوران حملا ڪرائي رتوڇاڻ ڪرائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ڪجهھ ڏينهن اڳ ڏوهارين کي ڀتو نه ڏيڻ تان گهانگرو ڌر جي چڱي مڙس بدل گهانگرو کي ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪيو ويو، مريد شاخ مان ھندو واپاري کان ڏينهن ڏٺي جو لکين رپيا ڦر ڪيا ويا، ڏھرڪي مان سميجو ۽ سومرو ڌر جا ٽي نوجوان اغوا ٿيل آهن. هن چيو ته مونکي خدشو آهي ته مڪاني چونڊ واري ڏينهن هي شرپسند خون خرابو نه ڪرائين.

هوڏانهن ڪوڏي ڪوڏي دوران ٿيل جھيڙي تان قتل ٿيل ميوو ڌونڌو جي قاتلن جي گرفتاري لا ڌونڌو برادري جي ماڻهن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. جتي مير صابر ڌونڌو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪجھه ڏينهن اڳ معمولي ڳالھه تان دايو ڌر جي ماڻهن پيرسن ميوو ڌونڌو کي بيدردي سان قتل ڪيو هو، جنهن جي قتل ۾ مک آسام دايو گرفتار ناهي ٿي سگهيو، ويتر مقتول جي خون کي سياست سان جوڙيو پيو وڃي، هن چيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ مارجي ويل ميوو ڌونڌو جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار آسام دايو کي گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button