سنڌ

ڏهرڪي ۾ مبينا مقابلي بعد هڪ ڄڻو زخمي حالت ۾ گرفتار

ڏهرڪي پوليس گهوٽڪي واسي حسين بخش ڪلهوڙو کي مبينا پوليس مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي، جنهن بعد ڳوٺاڻي کي علاج لاءِ ڏهرڪي جي سرڪاري اسپتال آندو ويو. ايس ايڇ او ڏهرڪي اطهر چنا ٻڌايو ته 3 ڏوهاري ڏوهه جي ارادي سان بيٺل هئڻ جي اطلاع تي پوليس جيئن ئي کينجهو روڊ پهتي ته پوليس جو ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته هن جا ٻه ساٿي فرار ٿي ويا آهن جڏهن ته گرفتار ڪيل ڏوهاري جي سڃاڻپ گهوٽڪي واسي حسين بخش ڪلهوڙو طور ٿي آهي هن چيو ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل آهي جن ڪيسن جي وڌيڪ جاچ ڪيون پيا جڏهن ته هن جي فرار ٿيل ٻن ساٿين کي پڻ جلد گرفتار ڪيو ويندو زريعن موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڳوٺاڻي کي 5 ڏينهن اڳ پوليس گهوٽڪي مان گرفتار ڪيو هو جنهن جي اڄ پوليس مقابلي ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button