سنڌ

مهانگائي خلاف مورو ۾ وڪيلن، رڪشا يونين جا احتجاجي مظاهرا

ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف مورو ۾ وڪيلن، رڪشا يونين ۽ يوٿ پاور مورو طرفان الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. گڏ ڪيل ڄاڻ موجب مورو ۾ وڪيلن پاران تيل جي وڌندڙ قيمتن ۽ مھانگائي خلاف مورو ڪورٽ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي مورو پريس ڪلب پھتي، جنھن جي اڳواڻي امين الدين خاصخيلي، قادر بخش ڪورائي، خالد کوسو، اي ڪي عباسي، ماجد زرداري ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. ھنن چيو ته وفاقي حڪومت پاران تيل ۽ ڊيزل جي اگھن ۾ واڌ ڪري عوام کان جيئڻ جو حق کسيو ويو آھي، تيل جون قيمتون وڌڻ سبب روزمرہ جي استعمال جون شيون آسمان سان ڳالھيون ڪرڻ لڳيون آھن، غريب پورھيت اٽي جو ڪلو وٺڻ لاءِ به سخت پريشان آھي، وفاقي سرڪار تيل، بجلي، گيس ۽ دوائن جا اگھه بار بار مھانگا ڪري ڇڏيا آهن، عوام جا ٻئي ھٿ مٿي تي آھن، غريب ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھن. ٻئي طرف رڪشا يونين ۽ يوٿ پاور مورو پاران مھانگائي ۽ پيٽرول جا اگھه وڌائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري مورو پريس ڪلب آڏو رڪشا بيھاري نعريبازي ڪئي وئي، جنھن جي اڳواڻي سليم ڏاھري، جھنڊو ڀٽي، غلام شبير ڀٽي، جمن شاھه، نياز سابقي، اعجاز سابقي، اشفاق ملڪ، معشوق سولنگي ۽ ٻيا ڪري رهيا ھئا. ھنن چيو ته جيڪا به حڪومت اچي ٿي اھا عوامي ريليف ڏيڻ جي دعوى ڪري ٿي باقي فيصلا عوام دشمن ڪيا وڃن ٿا، ھڪ مھيني اندر پيٽرول 84 رپيا مھانگو ڪري عوام کان جيئڻ جو حق کسيو ويو آهي، حڪمرانن عوام کي ڪٿان جو ناھي ڇڏيو، ھاڻي خودڪشيون، چوريون، ڦرون عروج وٺنديون، باقي ٻيو ڪو رستو ناھي بچيو. ھنن چيو ته تيل جا اگھه ۽ روزمره جي شين جا اگھه گھٽائي عوام کي سھولتون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button