سنڌ

نوابشاھ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ چوري جي وارداتن خلاف احتجاج

نوابشاھ ۾ وڌندڙ بدامنيءَ ۽ چوري جي وارداتن خلاف جسقم نوابشاهه پاران طارق سمون، علي رضا خاصخيلي، فرمان ملاح، ھدايت الله تنيو، سماجي سياسي اڳواڻ سيد علي رضا شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هنن چيو ته نوابشاهه انتظاميه پاران ڪروڙين رپيا خرچ ڪري سيف سٽي پلان لڳائڻ باوجود شھرين جون ملڪيتون ۽ جانيون محفوظ ناھن، ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد مان ڏھن کان وڌيڪ شھرين جون موٽر سائيڪلون چورايون ويون آھن، ھنن چيو ته ايئرپورٽ ٿاڻي جو ايس ايڇ او، وڏو منشي ۽ ٻيو عملو موٽرسائيڪل چوري ڪندڙن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪوبه قدم کڻڻ لاءِ تيار ناھي، اسان کي شڪ آھي ته اھي پاڻ چورن جي سرپرستي ڪري رهيا آھن، ھنن مطالبو ڪيو ته ايئرپورٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت سموري عملي خلاف اعليٰ سطحي، اڻ ڌري جاچ ڪرائي چورايل موٽرسائيڪلون واپس ڪرايون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button