سنڌ

وارھ ۾ ايس ايس ٽي جو شاگرد يونين بحال نه ٿيڻ خلاف احتجاج

سنڌي شاگرد تحريڪ مرڪز جي سڏ تي ايس ايس ٽي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ طرفان مرڪزي صدر عاطف ملاح، مرڪزي پريس ترجمان حميد انقلابي، هاري تحريڪ اڳواڻ غلام مصطفي چانڊيو، عوامي تحريڪ ضلعي صدر عرفان منان، ساگر مشتاق، آفتاب چانڊيو، حميد باغي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاگرد دشمن منصوبن خلاف وارهه پريس ڪلب آڏو مطالبن جي مڃتا لا احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ايس يس ٽي جي مرڪزي صدر عاطف ملاح چيو ته حڪومت تعليمي بجيٽ نه وڌائي تعليم دشمني ڪئي آهي. سنڌ حڪومت يونيورسٽي ۽ بورڊز جي بجيٽ کي ڇھه ارب مان گهٽائي ٽي ارب ڪري سنڌ جي اعلي تعليمي ادارن کي تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي آھي، سنڌ جون يونيورسٽيون اڳ ئي مالي گهوٽالي جو شڪار آهن، انهن جي بجيٽ گهٽائي تعليم دشمني ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل قانون جي ڪاليجن ۾ ڇھه ماھي سيمسٽر نه وٺي شاگردن جي مستقبل سان خطرناڪ راند ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته شاگرد يونين تي ڪيترن ئي سالن کان بندش پيل آهي، شاگرد مسلسل احتجاج پڻ ڪندا رهن ٿا پر انتظاميا جي ڪن تي جون به نٿي چري، سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ٿيڻ باوجود شاگرد يونين کي بحال ناهي ڪيو ويو. سنڌ جي يونيورسٽين ۾ شاگردياڻين سان حراسمينٽ جهڙا واقعا پيش اچن ٿا، انتظاميا نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته اسان جي احتجاجي تحريڪ ٻن مهينن تائين سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرن، ڌرڻن ۽ بک هڙتالن جي صورت ۾ جاري رهندي، جنهن کانپوءِ 23 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button