سنڌ

عورت کي حراسان ڪرڻ جي الزام ۾ تحريڪ انصاف جو ايم پي اي گرفتار

عورت کي مبينه حراسان ڪرڻ جي الزام ۾ ڪراچي مان تحريڪ انصاف جو سنڌ اسيمبلي ميمبر شبير قريشي گرفتار ٿي ويو، پي ٽي آ اڳواڻن اڳوڻي گورنر سنڌ عمران اسماعيل، علي زيدي، حليم عادل شيخ ۽ خرم شير زمان شبير قريشي جي گرفتاري جي مذمت ڪندي کيس بنا دير آزاد ڪرڻ جي گهر ڪئي. تفصيل مطابق پوليس شبير قريشي کي آچر جي صبح ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ سندس گهر مان گرفتار ڪري ورتو. واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج به اچي ويا آهن، جنهن ۾ پوليس کي کيس وٺي ويندي ڏسي سگهجي ٿو. پوليس مطابق شبير قريشي کي عورت کي حراسان ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. متاثر عورت جي بيان مطابق شبير قريشي نوڪري جو آسرو ڏئي حراسان ڪيو، جڏهن ته شبير قريشي جي خلاف سائيٽ بي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، شبير قريشي جي خلاف ٿاڻي ۾ رات سوا 3 وڳي ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس قلم 354 تحت داخل ڪيو ويو آهي. ايڊيشنل آ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو ان حوالي سان ٻڌايو ته رات 3 وڳي سائيٽ ٿاڻي ۾ هڪ عورت شڪايت داخل ڪرائي هئي، عورت جو الزام آهي ته شبير قريشي ان سان هٿ چراند ڪئي. جاويد عالم اوڍو چيو ته عورت جي شڪايت تي شبير قريشي خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، کيس تي کيس في الحال حراست ۾ ورتو ويو آهي. پي ٽي آ جي ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته شبير قريشي کي پوليس گرفتار ڪري ويو آهي، هو فجر جي نماز لاءِ نڪتو هو، پوليس کيس گرفتار ڪري وٺي وئي. ترجمان چيو ته گرفتاري کان پوءِ سنڌ اسيمبلي ميمبر کي پوليس اڻڄاتل هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪتر سعيد آفريدي، شاهنواز جدون ۽ ٻيا ٿڻي تي پهتا ۽ گرفتاري بابت پوليس کان تفصيل ورتو. عمران اسماعيل شبير قريشي جي گهر پهتو ۽ ان جي گهرڀاتين کان ڄاڻ ورتي، جنهن کان پوءِ پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو ته سنڌ حڪومت جي چرچ تي پوليس شبير قريشي کي گرفتار ڪيو، پوليس گرفتاري کان پو کيس اڻڄاتل هنڌ تي متنقل ڪري ڇڏيو آهي شبير قريشي جي اغوا واري واقعي جي مذمت ڪريان ٿو، شهر ۾ هاڻي اسيمبلي ميمبرز به محفوظ نه آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button