سنڌ

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف لاڙڪاڻي جي نجي اسڪولن جو احتجاج

سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف لاڙڪاڻي جي خانگي اسڪول شجاع مارٽن پبلڪ اسڪول ۽ شوئر سڪيس اڪيڊمي پاران ڀينس ڪالوني کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي استادن مقبول احمد گاڏهي، سرتاج عزيز گاڏهي ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ پاڻي وڏي کوٽ آهي، پنجاب سنڌ جو پاڻي چوري ڪري هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي آهي جيڪو ٿورو گهڻو سنڌو درياهه جو پاڻي سنڌ جي ڪينالن ۾ پهچي ٿو اُهو به زرداري ليگ پنهنجي ڀوتارن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري سنڌ جا ماروئڙا ۽ چوپايو مال اُڃُ مري رهيو آهي. اسان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ فوري طور ختم ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اٿي حڪمرانن جي ڳچي ۾ هٿ وجهي پنهنجا حق وٺندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button