سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ سوئي سدرن گئس ڪمپني جي ملازمن جو احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ پيپلز ليبر يونين طرفان سوئي سدرن گيس ڪمپني سنڌ بلوچستان جي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو نه ٿيڻ ۽ مراعتون نه ملڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ريجنل سيڪريٽري رفيق احمد سومرو، علي اڪبر سوڍر، لالا روشن علي انصاري، اصغر علي چانڊيو، شبير احمد حاجاڻو، محبوب اوڏ، غلام مرتضيٰ ڪورائي، انعام علي ابڙو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آهي پر 2018ع کان وٺي سوئي سدرن گيس ڪمپني سنڌ بلوچستان جي محنت ڪش ملازمن جي پگهارن ۾ هڪ روپئي جو اضافو نه ڪري ۽ جائز مراعتون نه ڏيڻ ڪري ملازم مالي بحران ۽ ذهني اذيت ۾ مبتلا آهن، ملازمن جي ميڊيڪل جي سهولت کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته پگهارن ۾ مهانگائي جي حساب سان اضافو ڪري معاهدن تحت بند ڪيل مراعتون بحال ڪيون وڃن ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button