سنڌ

راضيديرو جو سينيئر صحافي شاعر ادريس عاجز عباسي لاڏاڻو ڪري ويو

راضيديرو پريس ڪلب جو اڳوڻو صدر ۽ شاعر ادريس عاجز عباسي گمس اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جو مڙهه گهر آندو ويو ته روڄ راڙو مچي ويو. جنازي نماز کانپو مڙهه سوين آلين اکين سان مٽي ما حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن ادريس عاجز عباسي جي لاڏاڻي جي خبر پوڻ تي پريس ڪلب راضيديرو ۾ تعزيتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لياقت علي جکڙ، محمد علي شيخ، در محمد ميمڻ، قربان علي گلال، پريمي گلال، انصار ملاح، بشير ناريجو، امجد علي ڪنڀر، ڪوڙل ڪوري، سارنگ جکڙ، محبت علي ناريجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ادريس عاجز عباسي کي سندس ادبي ۽ صحافتي خدمتن تي روشني وڌي وئي ۽ کيس خراج تحسين پيش ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button