سنڌ

خيرپور ۾ گم ٿيل نوجوان جي بازيابي لا احتجاجي ريلي

خيرپور ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ محبوب شيخ جي رهواسين گم ٿيل نوجوان خليق الرحمان شيخ جي بازيابي لاءِ نيشنل بينڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو، جنهن جي اڳواڻي محبوب شيخ، ممتاز علي، راجا خان، تهمور شيخ ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي هنن چيو ته اسان جو نوجوان خليق الرحمان پٽ رياض حسين شيخ 4 ڏينهن اڳ گهران نڪتو ته گم ٿي ويو، ڪافي ڳولا باوجود پتو نه پئجي سگهيو آهي. نوجوان جي موٽرسائيڪل عرفان ميتلو نالي شخص وٽان ملي آهي، جنهن بعد وارثن بي سيڪشن ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس خليق الرحمان شيخ کي بازياب ڪرائڻ لاءِ تحرڪ ناهي ورتو، جنهنڪري گهر ۾ قيامت صغرا جهڙو ماحول آهي. هنن چيو ته اسان کي شڪ آهي ته نوجوان کي اغوا بعد قتل ڪري لاش گم ڪيو ويو آهي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي گم ٿيل خليق الرحمان جي ڳولا ۾ مدد ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button