سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ بي جي پي اڳواڻن جي گستاخانه بيان خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ شاهه بهارو ڪالوني جي رهواسين هندوستان ۾بي جي پي اڳواڻن طرفان ڏنل گستاخانه بيان خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي، جيڪا مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي. ان موقعي تي رهواسين مدد علي کهڙو، عمران علي شاهه، ماجد علي لاشاري، شاهد ابڙو، عبدالجبار، منصور علي چانڊيو، محمد اسماعيل چانڊيو ۽ ٻين چيو ته هندوستان ۾ بي جي پي جي سرڪار سالن کان وٺي مسلمانن خلاف زهر اوڳاڇي ڪشميرين مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا آهن، تازو بي جي پي جي اڳواڻن طرفان پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي شان ۾ گستاخانه بيان ڏئي پوري دنيا جي مسلمانن جي دل آزاري ڪئي آهي جنهن عمل جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. وفاقي حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته هندستاني حڪومت کان سفارتي ۽ تجارتي لاڳاپا ختم ڪيا وڃن ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button