سنڌ

سن ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي، احتجاج

سن ويجهو علي آباد ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. متاثرن بااثر ماڻهن ۽ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. علي آباد ۾ لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھڙو ٿي پيو. جھيڙي جي متاثر ڌر جي اختيار لاشاري، وقار لاشاري، مختيار لاشاري ۽ علي لاشاري دانهيندي چيو ته گذريل ڏينھن بنا جواز علي آباد جي بااثرن حملو ڪيو جنھن ۾ عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿيا، زخمين کي مانجھند اسپتال منتقل ڪيو، جنھن کان بعد ھڪ ڀيرو ٻيھر بااثر گھر ۾ گھڙي ڀڃ ڊاهه ڪري فرار ٿي ويا واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لا کاڻوٺ ٿاڻي پھتاسين ته ايس ايڇ او جاويد جتوئي ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ مسلسل آسرا ڏئي رھيو آھي. هنن چيو ته مخالف ڌر اڃان ڌمڪائي حراسان ڪري رھي آھي پر ڪير داد فرياد ڪرڻ لا تيار ناھي. ھنن ڊي آ جي حيدرآباد ايس ايس پي ڄامشوري کان مطالبو ڪيو ته کاڻوٺ ٿاڻي جو ايس ايڇ او خلاف ڪاروائي ڪري ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ علي آباد انڊس ها وي ڌرڻو ھڻي پنھنجن ٻچن سميت پاڻ کي باهه ڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button