سنڌ

ڪڍڻ ۾ مهانگائي خلاف شهرين جو احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي خلاف ڪڍڻ واسي روڊن تي نڪري آيا، پي ٽي آ، جي ڊي اي، نوجوان اتحاد ۽ شھر جو مزدور طبقو سراپا احتجاج بڻجي ويو. اڳواڻن مھتاب کٽي، عارف انصاري، اسد جمالي، دانش خاصخيلي، مرتضي جمالي، سليم نھڙيو، گل محمد گرگيز، ميھار ملاح، ڏنو جمالي سميت ٻين ٻھڊمي چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. اڳواڻن چيو ته روزمره جي شين جا اگھه آسمان سان لڳي رھيا آھن، عام ماڻھو جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي، چونڊيل عوامي نمائندا پنھنجون ملڪيتون بچائڻ خاطر ملڪ گروي رکي عوام مٿان مھانگائي جو عذاب نازل ڪري رھيا آھن. ھنن چيو ته اسان ھميشه ووٽ ڏيئي ڀٽي جو قرض لاٿو آھي پر حڪمران ٽولي پاڻي جي کوٽ، تعليم جي تباھي، صحت جي اڻھوند ۽ رڪارڊ مھانگائي ڪري اسان کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آھي، تنھنڪري اسان ڪڍڻ واسي ھن ڀيري پ پ کي ڪنھن به صورت ۾ ووٽ نه ڏينداسين، باڪردار ۽ عوام جو درد رکندڙ انسان دوست ماڻھن کي اڳيان آڻينداسين، ھنن چتا ڏنو ته مھانگائي تي ضابطو نه آندو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button