سنڌ

ڊي آر اوز پ پ مخالفن جون پولنگون تبديل ڪري ڇڏيون آهن:ظفر علي شاهه

قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر ۽ پي ٽي آ جي اڳواڻ سيد ظفر علي شاهه ڊي آر او ۽ آر اوز تي اليڪشن کان اڳ ئي ڌانڌلين ۽ ضلع انتظاميه کي پ پ اميدوارن جي ونگار وھڻ جا الزام ھنيا آھن. پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ پي ٽي آ ۽ آزاد اميدوارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڊي آر او اوچتو پ پ مخالف اميدوارن جي حمايتين جون پولنگ اسٽيشنز تبديل ڪري ڏورانھن علائقن ۾ شفٽ ڪري ڇڏيون آھن. يوسي سومر چنڙ جي ھڪ پولنگ ڳوٺ غلام قادر چانڊيو ۾ رکي وئي آھي، جيڪا سنڌو درياهه جي ٻئي طرف سونا ٻنڊي ٻيلي ۾ آھي. پولنگ ھاشم لنجار جون ٻه لسٽون جن ۾ 800 ووٽ آھن، اھا رتو سيال منتقل ڪئي وئي آهي. ھن چيو ته جڏھن سومر چنڙ پڪي جو ڳوٺ آهي ۽ اتي گورنمينٽ جا سمورا اسڪول موجود آهن، ان باوجود ڳوٺ جا ووٽ ڪچي منتقل ڪري ووٽرن کي رلايو پيو وڃي. يوسي ڪمال ديرو سميت ٻين ڪيترن علائقن جون پولنگ اسٽيشنز تبديل ڪيون ويون آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button