سنڌ

چونڊيل نمائندا ٻڌائين ته انهن فنڊ ڪٿي خرچ ڪيا:زين شاهه

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته بنيادي طور عام ماڻھو جي سوچ ڪمزور آهي، هُو سوچي ٿو ته شايد جنرل اليڪشن ۾ اهو ڪامياب ٿيندو يا ان کي اڳيان اچڻ گهرجي جنهن وٽ وڏيون گاڏيون هجن. حڪمرانن سان واسطو رکندڙ هجي، چچمن جي لوڌ گڏ هجيس، ان کي ئي ووٽ ڏيڻ گهرجي، ان ڪري اهڙي سوچ ختم ٿيڻ گهرجي. هن اهڙو اظهار مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ وارڊ 2 جي اميدوار پرويز سومرو، وارڊ 8 جي اميدوار سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ وارڊ 12 جي اميدوار لياقت علي خانزاده جي حمايت ۾ ڪوٺايل ڪارنر گڏجاڻين کي الڳ الڳ خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اسان اميدوارن کان اجتماعي سوال ڪرڻ يا پڇاڻو ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي ته ڪامياب ٿيڻ بعد چونڊيل نمائندن ڇا ڪيو آهي. هنن کان پڇجي ته فنڊز ڪٿي خرچ ٿيا، نوڪريون پئسن تي ڇو وڪرو ٿيون، شهر توڙي ٻهراڙي بنيادي سهولتن کان محروم ڇو آهي پر افسوس جو اسين صرف ذاتي مفادن کي ترجيح ڏيندا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button