سنڌ

دعا ڀٽو جي تقرير تي سنڌ اسيمبلي ۾ گوڙ، پي ٽي آئي جو احتجاج

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران پي ٽي آئي جي صوبائي اسيمبلي ميمبر دعا ڀٽو جي تقرير دوران مائڪ بند ڪرڻ تي پي ٽي آئي ميمبرن گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري جي صدرت ۾ ٿيو، ان دوران دعا ڀٽو اسيمبلي ۾ تقرير ڪئي هن چيو ته هڪ ايم پي اي منهنجو هٿ جهلي مون لاءِ ابتا سبتا جملا چيا، سنڌ پوليس ۾ ڳوڙها آڻيندڙ شيل لاءِ 13 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن ڇا هي ڳوڙها آڻيندڙ شيل اسان جي امڙين ڀينرن تي استعمال ڪيا ويندا؟ دعا ڀٽو تنقيد ڪندي چيو ته هي بينظير جي نه پر زرداري جي پارٽي آهي، جنهن تي سنڌ اسيمبلي ۾ حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن پاران گوڙ شروع ڪيو ويو، ان دوران ڊپٽي اسپيڪر چيو ته طئي ٿيو هو ته ڪنهن ليڊرشپ جي خلاف ڳالهه نه ٿيندي، جنهن کان پوءِ ڊپٽي اسپيڪر دعا ڀٽو جي مائيڪ بند ڪري ڇڏي، جنهن تي پي ٽي آئي ميمبرن احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو. صوبائي وزير مڪيش چاولا چيو ته اهڙي تقرير نٿي ٿي سگهي، اسپيڪر صاحبه دعا ڀٽو جي مائڪ ترت بند ڪرايو، دعا ڀٽو جو مڙس هتي اسان جي عورتن بابت ڳالهائيندو رهيو آهي، ان وقت ان لاءِ ٻڏي مرڻ جو مقام نه هو، جنهن تي پي ٽي آئي اڳواڻ فرودس شميم نقوي چيو ته اوهان هاڻي جي ڳالهه ڪريو، مڪيش ڪمار چاولا چيو ته چپ ڪريو گهڻي ٽر ٽر نه ڪريو، مرد ميمبرن کي درخواست آهي ته هي اهڙيون حرڪتون نه ڪن. مڪيش چاولا چيو ته هي ڌمڪي نه ڏيو ته تقرير نه ڪرڻ ڏينداسين، ڏسان ٿو ته هي ڪيئن تقرير نه ڪرڻ ڏيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button