سنڌ

رتيديري ويجهو چورن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

رتيديري ويجهو چوري لا گهر ۾ گهرندڙ جوابدارن ڀاڳين جي سجاڳ ٿيڻ تي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب نوجوان ٿڏي تي قتل ٿي ويو. ڳوٺ نيڪ محمد بروهي چور ڳوٺاڻي خميسو بروهي جي گھر ۾ گهڙي مينهن ڪاهي وڃي رهيا هئا ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي چورن جي پويان لڳي پيا، ڀاڳين چورن کي هڪلون ڪيون ته چورن سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 28 ورهين جو خميسو خان پٽ قلندر بخش بروهي ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويو. مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال رتوديرو آندو ويو، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول جي وارثن رتوديرو-شڪارپور روڊ تي لاش رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن امام بخش، ڪريم بخش، جبل خان، عطا الله، عجب گل، محمد علي، قلندر بخش، لشڪر، امان الله بروهي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گذريل رات دير سان چور گھر اندر گھڙي اسان جي مينهن چوري ڪري وڃي رهيا هئا ته اسان چورن جو پيڇو ڪندي انهن جي ويجھو کين هڪلون ڪيون ته چورن اسان تي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ ڪلاشن جو برسٽ لڳڻ سبب 28 ورهين جو ڀا خميسو قتل ٿي ويو ۽ چور فرار ٿي ويا. اطلاع باوجود پوليس ٻن ڪلاڪن بعد پهتي. هنن الزام هنيو ته سرڪاري پيري بولو بروهي جا گارڊ ان ۾ ملوث آهن، هنن مطالبو ڪيو ته بولو بروهي کي گرفتار ڪيو وڃي بي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو. هنن ڊي آءِ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته واقعي جي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او رتوديرو ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو يقين ڏياري ڌرڻو ختم ڪرايو، جنهن ڳوٺاڻا نوجوان جو لاش ڳوٺ کڻائي ويا. ٻي طرف رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي رتوديرو ٻڌايو ته اسان هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪيو آهي، وڌيڪ مقتول جا وارث ايف آءِ آر ۾ جيڪي نالا ڏيندا انهن جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين جلد گرفتار ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button